جيل جي ڊائري

جيل جي ڊائري

جيل جي ڊائري

جيل جي ڊائري (ڪتاب): ناليواري اديب ۽ محقق بدر ابڙي جي هيءَ ’جيل ڊائري‘ ضياءَ الحق جي دؤر ۾، 1980ع کان 1985ع تائين جيل دوران لکيل آهي. هن ڊائريءَ ۾ بدر ابڙي پنهنجي گرفتاريءَ، ڪيسن، لاڪپ ۽ جيل ۾ گهاريل ڏينهن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن اذيت وارن ڏينهن جون يادگيريون ڏنيون آهن. يادگيرين کان سواءِ ڪتاب ۾ هن پنهنجي والد نامور ڪهاڻيڪار جمال ابڙي ۽ ٻين سان جيل جي عرصي دوران ٿيل خط و ڪتابت به ڪتاب ۾ ڏني آهي. ان سان گڏ ڪتاب ۾ سندس ڪجهه نثري ٽڪرا ۽ آزاد نظم به شامل آهن، جيڪي هن جيل ۾ ئي لکيا هئا. ڪتاب جو مهاڳ برک شاعر شيخ اياز لکيو آهي، جنهن ۾ هن هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”بدر جي جذبات ۾ تازگي ۽ گرمي ڏسي، مون کي هن جي ڦوهه جوانيءَ تي رشڪ ٿو اچي“. ڊيمي سائيز ۽ ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ ڪُل 288 صفحا آهن، هي ڪتاب آگسٽ 1990ع ۾ ابن حسن پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ مان ڇپيو ۽ ان جي قيمت 100 رپيا آهي. ڪتاب جي آخري صفحن تي جيل ۽ پيشيءَ دوران بدر ابڙي جون محترمه بينظير ڀٽو، پنهنجن ٻين ساٿين ۽ رشيتدارن سان گڏ تصويرون ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب ماجد ڀرڳڙيءَ جي ڪمپيوٽنگ سسٽم تي ڇپيل پهريون ڪتاب آهي ۽ ان کي اڪادمي ادبيات پاڪستان پاران تخليقي ادب جي بهترين ڪتاب جو اوارڊ ڏنو ويو آهي.


لفظ جيل جي ڊائريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو